اسلام آباد – 29 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جيلن ۾ قيدي عورتن جي حالت زار جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان موجب اها ڪميٽي انساني حقن واري وفاقي وزير جي سربراهي ۾ قائم ڪئي وئي آهي ج??هن ته انساني حقن واري وزارت جو سيڪريٽري ڪميٽي جو سيڪريٽري هوندو، ڪميٽ?? ۾ ??هرو سيڪريٽري، چئني صوبن ۽ گلگت بلتستان جا هوم سيڪريٽريز، چئني صوبن ۽ گلگت بلتستان جي جيل کاتي جا آئي جيز شامل هوندا.