اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ملڪي معيشت کي وينٽيليٽر تي ??ڏيندڙن کي عوام پارليامينٽ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو، (ن) ليگي قيادت جي پنهنجي معيشت ۽ ڪاروبار ۾ بلڪل بدحالي آئي آهي، وچ مدي وارين چونڊن جي ڳالهيون ڪري (ن) ليگ پنهنجي گراهڪن کي تسليون ۽ پنهنجي ٻڏل سياسي ٻيڙي کي سها??و ڏئي رهي آهي، ڀائي جان بدڪلامي جُون سموريون حدون پار ڪري پنهنجي ذهنيت جي عڪاسي ڪندي ثابت ڪيو ته هو پنهنجي ماءُ، ڀينر ۽ ان جي عزت ۽ توقير کان آگاهه نه آهي، ايم ڪيو ايم جا سمورا خدشا ختم ڪري ڇڏيا آهن جلد ايم ڪيو ايم ٻيهر ??اب??نا جو حصو هوندي، ڪرونا وائرس جو علاج ۽ روڪٿام ڪندڙ ملڪن ۾ به ڪرونا وائرس تيزي سان پکڙيو، پاڪستان حفاظتي انتظامن، ??گاهي ۽ اسڪريننگ تي ??يان ڏئي رهيو آهي، پاڪ فوج جو مڪمل ڍانچو ??ن عمل ۾ حڪومت سان گڏ بيٺل آهي. هو وفاقي ??اب??نا جي اجلاس کانپوءِ بريفنگ دوران مختلف سوالن جا جواب ڏئي رهي هئي.