اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا پائيدار حڪمت عملي تحت معاشري ??ي ڪمزور ۽ وچولي طبقي جي سهولت لاءِ 4 هز??ر يوٽيلٽي اسٽورز ذريعي اٽي، گيهه، کنڊ ۽ دالين تي 5 مهينن دوران 10 ارب جي سبسڊي ڏيڻ، ڪامياب جوان پروگرام تحت يوٽيلٽي اسٽورز جي تعاون سان 2 هز??ر يوٿ اسٽور کولڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نش??يات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نورالحق قادري ??ان گڏ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته مهانگائي جي خلاف عوام ۽ خاص طور تي غريب ۽ گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي رليف ڏيڻ جي حوالي سان حڪومت پاران وڏي پئڪيج جو اعلان ڪيو ويو آهي.