اسلام آباد – 15 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ڊگهي مدي واري منصوبابندي نه هجڻ سبب ماضي ۾ ترقي نه ڪري سگهيو، پن بجلي بدران ??ها??گي بجلي جا منصوبا شروع ڪيا ويندا رهيا، موجوده حڪومت جي 14 مهينن ۾ معيشت مستحڪم ٿي آهي، رپئي جو قدر مستحڪم ٿي رهيو آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ ترقي ڪري رهي آهي، ڪر??ٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي ۽ روانگي واپار ۾ اضافو ٿيو آهي، سيڙپڪارن جو اعتما?? وڌي رهيو آهي، بجلي چوري جي روڪٿام سان هڪ سال ۾ 120 ار?? رپيا اضافي وصول ڪيا ويا آهن، هوا مان بجلي جي پيداوار نه رڳو ??احول دوست پر سستي پڻ هوندي، گلوبل وارمنگ سان پاڪستان متاثر ٿي سگهي ٿو، ان مسئلي تي ڌيان ڏيڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ هوا سان بجلي جي پيداوار جي 340 ميگاواٽ جي منصوبن جي معاهدي تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.