اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس جي موقعي تي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ اثرائتي نگراني کي ??قي??ي بڻائڻ لاءِ سيف سٽي ۾ سي سي ٽي وي مانيٽرنگ سينٽر قائم ڪيو ويو آهي. سي سي ٽي وي ڪيمرائن کي 24 ڪلاڪ فعال رکڻ لاءِ پي ٽي سي ايل جي سهڪار سان بيڪ اپ سپورٽ جو نظام واضح ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ پي ٽي سي ايل جديد اوز??ن لڳائڻ جو ڪم مڪمل ڪري ورتو آهي. سيف سٽي ۽ پي ٽي سي ايل اختيارين مطابق شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس ۾ اعليٰ سطحي وفد شرڪت ڪندا. جنهن کي نظر ۾ رکندي انتهائي جديد پيماني تي ڊيجيٽل سيڪيورٽي قدم کنيا ويا آهن. اختيارين پاران سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي 24 ڪلاڪ فعاليت کي ??قي??ي بڻائي ويندي. ان مقصد لاءِ بيڪ اپ سسٽم گهربل تقاضائن مطابق ??ڳايو ويو آهي.