اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ ميڊيا، ڊرامي، فلمز، گڏيل پروڊڪشنز ۽ تربيتي پروگرامز سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ??هي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا م??بوط بڻائڻ ۽ گڏيل هدفن جون راهون ڳولڻ پاڪستان جي بزنس ڪميونٽي ۽ عوام جي دل جو آواز آهي، اسان کي يقين آهي ته اسان جا گڏيل لاڳاپا بدلجندڙ گهرجن موجب شاندار مستقبل طرف وڌندا رهندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملاقات جي لاءِ آيل روس جي سفير دانيلا گينيچ سان ڳا??هه ٻو??هه ڪندي ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا سميت مختلف شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات ۾ روس جي اطلاعات واري وزير جي پاڪستان جي دوري ج?? حوالي سان پڻ ڳا??هه ٻو??هه ٿي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ??ه روس جي اطلاعات واري وزير کي پاڪستان جي دوري جي باضابطا دعوت ڏني ويندي. ملاقات ۾ روس جي اطلاعات واري وزير جي دوري جي موقعي تي اي پي پي ۽ طاس نيوز ايجنسي، پي ٽي وي ۽ روسي ٽيليويزن ۽ روسي ريڊيو ۽ ريڊيو پاڪستان جي وچ ۾ ممڪن معاهدن تي پڻ ڳا??هه ٻو??هه ٿي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي رابطن، سلامتي، معيشت، تعليم، ثقافت ۽ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ ميڊيا، ڊرامي، فلمز، گڏيل پروڊڪشنز ۽ تربيتي پروگرامز سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ??ه پاڪستان روس سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان روس سان ميڊيا، ڊرامي، فلمز جي شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ روس جي سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي اسلام آباد ۾ تقريب منعقد ڪرڻ تي پڻ ڳا??هه ٻو??هه ٿي. نگران وفاقي وزير چيو ??ه ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل رابطن جو سلسلو ڊگهي عرصي تي ٻڌل آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا م??بوط بڻائڻ ۽ گڏيل هدفن جون راهون ڳولڻ پاڪستان جي بزنس ڪميونٽي ۽ عوام جي دل جو آواز آهي. هن چيو ??ه اسان کي يقين آهي ته اسان جا گڏيل لاڳاپا بدلجندڙ گهرجن موجب شاندار مستقبل طرف وڌندا رهندا. ان موقعي تي روس جي سفير چيو ??ه پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ ميڊيا سميت زندگي جي هر شعبي ۾ تعاون موجود آهي. روس پاڪستان سان ميڊيا سميت زندگي جي ٻين شعبن ۾ تعاون جو خواهشمند آهي. روس ۾ پاڪستاني ڊرامن کي تمام گهڻي مقبوليت حاصل آهي.