اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ممنون ??سي?? چيو آهي ته ماضي جي ڀيٽ ۾ اڄ مذهبي هم آهنگي جي ت??ام گهڻي ضرورت آهي ۽ اسلام مذهب سمورن شهرين کي برابري جو حق ڏي ٿو، پاڪستان جو قومي جهنڊو دنيا ۾ پنهنجي نوعيت جو منفرد ترين جهنڊو آهي جيڪو پاڪستان ۾ هر عقيدي سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي نمائندگي ڪري ٿو. صدر اها ڳالهه ايوان صدر ۾ مسيحي برادري جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي چئي. صدر چيو ته آئين ۾ معاشري جي سمورن طبقن جي مفادن جو تحفظ ڪيو ويو آهي ۽ اها سٺي معاشري جي سڃاڻپ آهي. اهو ئي سبب آهي جو پارليا??ين?? جي سمورن ايوانن سميت هر طرح ??ي چونڊيل ادارن ۾ اقليتن جي نمائندگي کي يقيني بڻايو ويو آهي.