ڪوئيٽا – 22 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات با??ت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان پاڪستان ڀارت جي وچ ۾ ثالثي جو ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ پاڪستان جي ڪشمير مسئلي با??ت ڪامياب سفارتڪاري طرف هڪ اهم اڳڀرائي آهي. وزيراعظم عمران خان ڪشميرين جو وڪيل ۽ سفير بڻجي عالمي برادري جو ضمير جهنجهوڙي رهيو آهي. وزيراعظم جي آمريڪي دوري سا?? ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا نئين رخ ۽ عزم سا?? اڳتي وڌي رهيا آهن، وزيراعظم عمران خان جي دل بلوچستان جي عوام سا?? گڏ ڌڙڪي ٿي ۽ هو بلوچستان جي ت??قي کي اهميت ڏي ٿو. بلوچستان جي ت??قي سان ئي پاڪستان جي ت??قي لاڳاپيل آهي، هو ڪوئيٽا پهچڻ کانپوءِ ايئر پورٽ جي ٻاهران ميڊيا سا?? ڳالهائي رهي هئي.