اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان سوئٽزرلينڊ سان پنهنجي ٻه طرفي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، انهن لاڳاپن کي گهڻ رخي شعبن ۾ وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي، پاڪستان ۽ سوئٽزرلينڊ هڪ ٻي ج?? تجربن مان گهڻو ڪجهه سکي سگهن ٿا ۽ اداره جاتي تعاون ۽ پارليامان?? وفدن جي مٽاسٽا سان رابطاڪاري کي وڌيڪ موثر بڻائي سگهجي ٿو، سوئٽزرلينڊ جي پارليامان?? وفد جي دوري جا جلد مثبت نتيجا سامهون ايندا. اهڙن خيالن جو اظهار سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سوئٽزرلينڊ جي رياستن جي ڪائونسل جي صدر جين ريني فرنيئر جي سربراهي ۾ پاڪستان جي ٽن ڏينهن جو دورو ??ندڙ پارليامان?? وفد سان پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو.