اسلام آباد-10 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نواز شريف ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وچ ۾ پنجاب هائوس ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن مهانگائي جي شرح 32 کان 6.9 سيڪڙو ٿيڻ، پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي ۽ معاشي بهتري تي اطمينان جو اظهار ڪيو. مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب موجب ٻنهي اڳواڻن معاشي انڊيڪيٽرز ۾ مسلسل بهتري، پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين طرفان رڪارڊ 8.8 ارب ڊالر ڏيهه موڪلڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن چيو ته پاڪستان ۽ عوام کي رليف ملڻ جي رفتار وڌڻ خوش آئنده آهي. ٻنهي اڳواڻن سعودي سيڙپڪار وفد جي آمد، ايس سي او منعقد ٿيڻ جي به آجيان ڪئي ۽ چيو ته اهي سموريون سرگرميون پاڪستان جي عالمي وقار ۽ معاشي بهتري لاءِ نهايت مثبت اڳڀرائي آهي. ان موقعي تي محمد نواز شريف چيو ته وقت ثابت ڪيو ته 2006ع ۾ ميث??ق جمهوريت تي صحيحيون ڪرڻ اسان جو درست رخ ۽ درست وقت تي تاريخي فيصلو هو. ميث??ق جمهوريت سان ملڪ ۾ جمهوريت کي استحڪام مل??و، پارليامينٽ پنهنجو مدو پورو ڪرڻ شروع ڪيو. ميث??ق جمهوريت جي نتيجي ۾ ڌرڻا، انتشار ۽ ڪاهه ڪرڻ جي سياست ڪندڙ غير جمهوري قوتن جو سمورين سياسي پارٽي?? گڏجي مقابلو ڪيو. هن چيو ته سڀني جمهوري قوتن کي گڏجي پارليامينٽ ذريعي عد?? جو نظام جوڙڻو آهي. اهڙو انصاف جو نظام ٺاهڻو آهي جنهن ۾ ڪنهن فرد جي بالادستي نه هجي پر عوام جي راءِ ۽ ادارن جو احترام هجي ته جيئن ڪنهن هڪ شخص کي اها طاقت ۽ اختيار حاصل نه هجي جيڪو بهترين جمهوري نظام کي جڏهن چاهي پٽڙي تان لاهي ڇڏي. ايئن نه ٿيڻ گهرجي ته فرد واحد ملڪ ۽ قوم کي انڌيرن جي حوالي ڪري ڇڏي. هن چيو ته اڄ حاصل ٿيل معاشي ڪاميابين جو بنياد به سياسي اتحاد ۽ اتفاق آهي. ميث??ق جمهوريت ۾ خواهش ظاهر ڪئي وئي هئي ته سموريون قوتو?? گڏجي پاڪستان کي معاشي استحڪام ڏين جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان خوشحالي ٿئي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ اوهان ميث??ق جمهوريت جي شڪل ۾ ملڪ کي اڳتي وڌائڻ جو تاريخي قدم کنيو. ان سفر کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي. نواز شريف چيو ته سياسي رواداري، اخلاق، آئين ۽ قانون ۽ پارليامينٽ جي بالادستي لاءِ اسا?? گڏ آهيون، ارڙهين ترميم ادارن کي مضبوط ڪيو هو. محمد نواز شريف بلاول ڀٽو جي سياسي ڪردار کي ساراهيو ۽ شاباش ڏني. بلاول ڀٽو زرداري ميان نواز شريف کي چيو ته اوهان جي سياسي ويزن، سوچ ۽ تجربي جو تمام گهڻو قدر ڪريان ٿو، ملڪ ۽ قوم کي اوهان جي سياسي تجربي، سوچ ۽ پوليٽيڪل ويزن جي ضرورت آهي.