شرم الشيخ – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جرمني سان واپار، سيڙپڪاري، ماحولياتي تبدي??ي ۽ قا??ل تجديد توانائي سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ جرمني کي مختلف شعبن ۾ نوجوانن کي موقعا ڏيڻ جي ??اءِ وسيع تر تعاون ڪرڻ گهرجي. هن اها ڳالهه جرمني جي چانسلر اولاف شولز سان ماحولياتي سربراهه اجلاس ڪوپ – 27 جي ??وقعي تي ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ تعاون کي وڌائڻ جي امڪانن تي غور ڪيو. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. وزيراعظم جرمن عوام جي عزم کي ساراهيندي جرمني سان واپار، سيڙپڪاري، ماحولياتي تبدي??ي ۽ قا??ل تجديد توانائي سميت گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پاڪستان جي ??وجوان آبادي مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ جرمني کي مختلف شعبن ۾ نوجوانن کي موقعا ڏيڻ جي ??اءِ وسيع تعاون ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم جرمني پاران پاڪستان کي سالن کان ڏني ويندڙ فني تربيت تي ٿورا مڃيندي ڄاڻ جي ??ٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو. هن يورپي يونين ۾ جي ايس پي پلس حيثيت جي ??اءِ حمايت تي جرمني جا ٿورا مڃيا جيڪو ٻنهي ملڪن جي ??اءِ فائديمند آهي. وزيراعظم چيو ته حدت جو سبب بڻجندڙ گئسن جي اخراج ۾ گهٽ کان گهٽ ڪردار هجڻ جي باوجود پاڪستان ماحولياتي تبديلي جي ??تيجي ۾ ايندڙ قدرتي آفتن کان سخت متاثر ٿي رهيو آهي. هن پاڪستان ۾ ماحولياتي تبديلي سان ايندڙ تازي ٻوڏ کانپوءِ جرمني پاران پاڪستان جي امداد تي جرمني جا ٿورا مڃيندي جرمن چانسلر کي حڪومت جي بحا??ي ۽ نئين سر تعمير جي ??نصوبن بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ماحولياتي تبديلين جي ??سئلي خاص طور تي ڪلائميٽ جسٽس ۽ انهن تبديلين جي ??تيجي ۾ نقصان ۽ تباهي کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ ڪوپ – 27 کي دليراڻا ??يصلا ڪرڻ گهرجن. وزيراعظم خطي جي صورتحال جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان جرمني سميت غيرملڪي حڪومتن جي درخواست تي افغانستان مان انخلا جي ??اءِ سهولت فراهم ڪندو رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ انساني ۽ اقتصادي صورتحال جي ڏس ۾ عالمي برادري جي افغان عبوري حڪومت سان مسلسل ڳالهه ٻولهه انتهائي اهميت رکندڙ آهي. جرمن چانسلر افغانستان ۾ نمائنده حڪومت ۽ انساني حقن جي احترام جي ??نهنجي ??وقف کي ورجايو. وزيراعظم جرمن چانسلر جو ڌيان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير طرف ڇڪرائيندي چيو ته ان جي ??تيجي ۾ علائقائي امن ۽ استحڪام کي خطرو آهي.