اسلام آباد – 30 جنوري (اي پي پي) وزي??اع??م جي اطلاعات ۽ نشريات بابت ??اص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزي??اع??م جي پگهار ۾ اضافي جي حوالي سان هٿ ٺوڪيون خبرون هلايون ويون، وزي??اع??م حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي آڻڻ سڀ کان اڳ پنهنجي ذات کان شروع ڪئي، وزي??اع??م ٻاهرئين دورن جي لاءِ پرائيويٽ فلائيٽ بدران عام ڪمرشل فلائيٽ کي ترجيح ڏني، اڪرام سهگل ماضي ۾ به پاڪستاني وزي??اع??من جي لاءِ تقريبن جو اهتمام ڪيو، 2020ع جو سال ميڊيا جي صنعت جي لاءِ ترقي، خوشحالي ۽ نئين دور جي شروعات هوندو، حڪومت جرنلسٽ پروٽيڪشن بل آڻي رهي آهي، اسٽيٽ بئنڪ ايڪسپورٽ فنڊ اڍائي ارب مان وڌائي 5 ارب ڪري ڇڏيو، پنجاب حڪومت نواز شريف جي رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، 6 ??يبروري تائين خواجه حارث کي نئين رپورٽ جي هدايت ڪئي آهي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته گذريل ڪابينا ميٽنگ کانپوءِ صحافين ۾ پلانٽيڊ بيانيو اٿاريو ويو.