اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايسوسيئيشن آف پاڪستاني فزيشنز آف نا??ٿ آمريڪا کي 46 هين سالياني ڪنوينشن تي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم اتر آ??ريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڄ??ون ڊاڪٽرن جي تنظيم جي لاءِ پاڪستان جي لاءِ خدمتن ۽ پاڪ آمريڪا لاڳاپا قائم ڪرڻ جي عزم ۽ ثابت قدمي کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ گذريل سال جي تباهي آڻيند?? ٻوڏ ۽ ڪوويڊ – 19 جي وبا کانپوءِ مثبت ردعمل جي اظهار ۽ وقت سر مدد تي تنظيم جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته توهان جي پيشيواراڻي ۽ ا??ساني ڪاميابين تي فخر آ??ي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ايسوسيئيشن آف پاڪستاني فزيشنز آف نا??ٿ آمريڪا جي صدر ڊاڪٽر ارشد ريحان ۽ سندس ٻين ساٿي پاڪستاني آمريڪي ڊاڪٽرن کي مبارڪباد ڏني.