گڏيل قومون -10 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان سڄي دنيا جي هاٽ اسپاٽ ۾ گڏيل قومن جي امن فوج جي ڪردار ۽ صلاحيت کي مضبوط بڻائڻ تي زور ڀريندي تجويز پيش ڪئي آهي، ته سلامتي ڪائونسل کي تڪراري ڌرين وچ ۾ امن معاهدن کي هٿي ڏيڻ لاءِ اثرائتو سياسي طريقيڪار جوڙڻ گهرجي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم 15 رڪني ڪائونسل کي خطاب ڪندي گڏيل قومن جي امن فوجي ڪارروائين جو جائزو ورتو. هن نشاندهي ڪئي ته اهڙي ريت جي طريقيڪار لاءِ سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن، خاص طور تي مستقل ميمبرن وچ ۾ وڌيڪ سهڪار جي ضرورت آهي. هن ڏکڻ سوڊان ۽ سوڊان جي تڪراري علائقي ابي ۾ پاڪستاني امن جٿن جي ڪامياب ڪوششن جو حوالو ڏيندي چيو ته امن مشنز کي تشدد گهٽائڻ لاءِ برادري سطح تي مقامي امن جي انتظامن کي هٿي ڏيڻ تي به وڌيڪ زور ڀرڻ گهرجي. سفير منير اڪرم چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي امن آپريشنز ۾ ڊگهو ۽ ويجهو سهڪار رکي ٿو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي پهرين مشنز مان هڪ يو اين ملٽري آبزرور گروپ ان انڊيا اينڊ پاڪستان جنهن جو قيام 1949ع ۾ تڪرار ڄمون ڪشمير ۾ لائن آف ڪنٽرول تي جنگ بندي جي نگراني لاءِ ڪيو ويو هو، جو ميزبان رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان 46 مشنز ۾ 230000 امن جٿا به مقرر ڪيا آهن ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي خدمتن ۾ 181 امن جٿا وڃائي ويٺو آهي. هن چيو ته موجوده دور ۾ گڏيل قومن جي امن مشزن کي نين ۽ وڌندڙ چئلينجز کي منهن ڏيڻو آهي. جن ۾ تشدد، دهشتگردن طرفان پکڙيل افراتفري، وسيلن جي غيرقانوني نيڪال ۽ ڏوهاري سرگرمين ۾ منظم ڏوهاري نيٽ ورڪس جي شموليت، مقامي تڪرارن ۾ پرڏيهي مداخلت، گڏيل قومن جي امن جي قيام لاءِ وسيلن تي لاڳو پابندين ۽ ميمبر ملڪن، خاص طور تي ڪائونسل جي مستقل نمائندن طرفان گڏيل حمايت جو خاتمو شامل آهن. سفير منير اڪرم چيو ته عالمي برادري کي خاص طور تي گڏيل قومن ۽ سلامتي ڪائونسل کي انهن علائقائي تنظيمن جي مڪمل حمايت ڪرڻ گهرجي.