ڪولمبو _ 22 جنوري (اي پي پي ) سريلنڪا جي ڏکڻ صوبي بيلياٽا ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 5 ماڻهو مارجي ويا . شنوا مطابق پوليس ترجمان نيال ٿلنڊووا ٻڌايو ته گذريل ڏينهن صبح ايڪسپريس وي تي بيلياٽا انٽر چينج ويجهو هڪ گاڏي ۾ سوار ماڻهن جيپ تي سوار ماڻهن تي فائرنگ ڪئي. جنهن سبب 4 ماڻهو موقعي تي مارجي ويا جڏهن ته هڪ زخمي شخص اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو . پوليس شڪ ظاهر ڪيو آهي ته فائرنگ پيشيور ڏوهارين ڪئي آهي .